اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته و??يراعظم شهباز شريف 31 مئي کان 2 جون تائين ترڪي جو دورو ڪندو، اهو دورو پاڪستان ج?? روايتي بااعتماد ??وستن ۽ ڀائر ملڪن سان ٻطرفي لاڳاپن ج?? تجديد جي سلسلي جي ڪڙي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اهو دورو ٻنهي ملڪن ج?? وچ ۾ لاڳاپن ج?? فروغ کانسواءِ سيِڙپڪاري، واپار، صحت، تعليم، ثقافت ۽ گڏيل مفادن ج?? ٻي?? شعبن ۾ تعاون ج?? حوالي سان به نهايت اهم آهي، هن چيو ته پاڪ ترڪي بزنس ڪائونسل جو اجلاس، ترڪ سيڙپڪارن ۽ واپارين سان ملاقاتون ٿينديون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته و??يراعظم دوري دوران مصطفيٰ ڪمال اتاترڪ جي مزار تي حاضري ڏيندو، ترڪ صدر رجب طيب اردوان سان وزيراعظم ترڪي ۽ پاڪستان ج?? سفارتي لاڳاپن ج?? قيام جا 75 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي يادگيري نشان جاري ڪندو. صدر اردوان وزيراعظم جي اعزاز ۾ آجياڻو به ڏيندو.