لاهور – 28 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ چيني ڪمپنين کي درپيش مسئلا ترجيح?? بنيادن تي حل ڪيا وڃن، پاڪ چائنه گڏيل سيڙپڪاري جي منصوبن کي جلد فعال ڪرڻ لاءِ هر ممڪن سهولت پهچائي وڃي، انهن ڪمپنين جي ملازمن لاءِ سيڪيورٽي وڌيڪ موثر بڻائي وڃي. هن اها هدايت چيني ڪمپنين جي سيڙپڪاري جي سلسلي ۾ جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ منصوبابندي، ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، پاور ڊويزن واري وفاقي وزير خرم دستگير، سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حس??ن، وزيراعظم جي خاص مددگار طارق فاطمي، گهرو، ناڻي، پرڏيهي معاملن جي سيڪريٽر??ن، سيڙپڪاري بورڊ، پيٽروليم، پاور، آءِ ٽي، ريلوي جي سيڪريٽرين ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وفاقي وزير احسن اقبال پاڪستا?? چين جي گهڻ رخي لاڳاپن ۽ سيڙپڪاري ۾ موجود وڌيڪ ا??ڪا??ي موقعن تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم شهباز شريف خصوصي هدايت ڪئي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ چيني ڪمپنين کي درپيش مسئلا ترجيح?? بنيادن تي حل ڪيا وڃن، پاڪ – چائنه گڏيل سيڙپڪاري جي منصوبن کي جلد فعال ڪرڻ لاءِ هر ممڪن سهولت هڪٻئي کي پهچائي وڃي، هن هدايت ڪئي ته پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ سموري?? چيني ڪمپنين جي ملازمن جي سيڪيورٽي وڌيڪ موثر بڻائي وڃي.