ڪراچي – 11 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي م??ڻهن سميت معاشري جي سمورن ڪمزور طبقن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته انهن کانسواءِ مجموعي ترقي جا مقصد حاصل نٿا ٿي سگهن، مسئلن جي حل جي حوالي سا?? بهتر منصوبابندي لاءِ درست انگ اکر هجڻ ضروري آهن، ان سلسلي ۾ احساس پروگرام تحت معذور ماڻهن جو سروي ڪيو پيو وڃي، ڪمزور طبقن جو تحفظ ۽ ڀل??ئي موجود حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پُرعزم ماڻهن جي حوالي سا?? ڪانفرنس ۽ ورچوئل نمائش ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته معاشري جي ڪمزور ۽ محروم طبقن جي حقن کي اجاگر ڪرڻ سا?? گڏوگڏ انهن جي تحفظ لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن، ان سلسلي ۾ ايوان صدر ۾ عورتن، خصوصي م??ڻهن ۽ ٿيليسيميا جي م??يضن سا?? مختلف وقتن ۾ ويهڪن جو اهتمام ڪيو ويو. ان موقعي تي صدر عورتن ۽ خصوصي م??ڻهن جي حقن لاءِ مهم جي قيادت ڪرڻ تي بيگم ثمينه عارف علوي کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته خصوصي م??ڻهن جي ڀل??ئي ۽ ترقي بابت منصوبابندي لاءِ ضروري آهي ته انهن جي تعداد بابت درست انگ اکر موجود هجن، ان مقصد لاءِ احساس پروگرام تحت هڪ سروي ڪيو پيو وڃي، هن چيوته وراثت ۾ عورت جو حق ڏيڻ احسان نه پر ذم??داري آهي.