اسلام آ??اد – 07 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ??هي ته مخالف ڌر جو سينيٽ چونڊن ۾ شفافيت کي يقيني بڻائڻ جي قدم تي گوڙ ڪرڻ سمجهه کا?? مٿي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته اوپن بيلٽ جي مخالفت ڪري انهن واضح ڪري ڇڏيو ته اهي سياست ۾ پئسي جي سياست ختم نه ٿا ڪرڻ چاهين. هن چيو ته چونڊن ۾ شفافي?? جمهوريت جي مضبوطي آهي.