اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ننڍي کنڊ ۾ مسلمانن جو اقتدار سنهري دور هو پر افسوس ته نوجوان نسل کي ان جي با??ي ۾ خبر ناهي، ڪوشش ڪئ?? وڃي ته ان سنهري دور تي فلم ۽ ڊرامو ٺاهي پروپيگنڊا ڪندڙن جي ارادن کي ناڪام بڻايو وڃي، پاڪستاني ڊراما 80ع جي ڏهاڪي تائين پوري دنيا ۾ پنهنجي سڃاڻپ پاڻ هئا، پاڪستاني فلم ۽ ڊراما انڊسٽري کي مقامي ثقافت جي فروغ لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اولهه کان متاثر نوجوان نسل کي پنهنجي اصل ثقافت کان آگاهي ڏ??ي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪمال تيڪدين جي قيادت ۾ مشهور ترڪ ڊراما سيريل ارتغرل جي باني ٽيم سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن هتي ساڻس ملاقات ڪئ??.