اسلام آباد – 17 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ڪورونا جي پهرين لهر ۾ وزيراعظم جي وقت سر ۽ دانشمنداڻي قدمن پاڪستان کي وڏي جاني نقصان کان بچائي ورتو، ڪورونا جي ٻي شديد ??رين لهر ۾ مخالف ڌر جون سياسي سرگرميون ڪورونا ڦهلاءُ ??و سبب بڻج?? رهيون آهن، پاڪستان جي سمارٽ لاڪ ڊائون پاليسي کي دنيا ساراه?? رهي آهي. هو ايس ڊي پي آءِ جي اهتمام هيٺ 23 هين پائيدار ترقي ڪانفرنس بعنوان ”ڪوويڊ 19 ۾ پائيدار ترقي“ ۾ وڊيو لن?? ذريعي خطاب ڪر?? رهيو هو.