اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ تعليمي م??يار ٺيڪ نه آهي جيڪو اسان جي ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته انجنيئرز جون نوڪريون ڪو وڏو مسئلو نه آهي اصل مسئلو تعليمي ادارن ۾ ناقص تعليمي م??يار آهي، هن چيو ته ??ائ??ر ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) کي چيو آهي ته ملڪ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 يونيورسٽيون ا??ڙيون هجن جنهن جو سليبس، ڊگري پروگرام ۽ معيار عالمي هجي، هن چيو ته قابل ماڻهن لاءِ نوڪريون حاصل ڪرڻ ڪو مشڪل نه آهي.