??سل??م آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت ۾ پاڪستان جي ماهيگيري ??ي پاليسي بابت اجلاس هتي ايوان صدر ۾ منعقد ٿيو، ايوان صدر ميڊيا آفيس پاران جاري ??يان موجب اجلاس ۾ سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي، ميري ٽائيم افيئرز جو س??ڪر??ٽري ??ضوان احمد ۽ وزارت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ساموندي معاملن واري وفاقي وزير صدر کي پاڪستان جي ماهيگيري ??ي شعبي کي درپيش چئلينجز ۽ مسئلن کان آگاه ڪيو، اجلاس کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪ ۾ پائيدار ماهيگيري کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ ماهيگيري ??ي شعبي جي استحڪام سان پرڏيهي ناڻو ڪم??ئڻ ۽ روزگار جا وسيع موقعا پيدا ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي.