اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان جي ڪامياب سفارتڪاري ڀارت کي دنيا ۾ ڌار ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم عمران خان ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جو اصل چهرو بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي. هو ريڊيو پاڪستان جي اهتمام هيٺ خصوصي مشاعري کي خطاب ڪري رهيو هو، وف??قي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته اڄ پوري دنيا ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي پائمالين جي معاملي تي پاڪستان سان گڏ بيٺل آهي، هن چيو ته گذريل سال 5 آگسٽ تي هندستان پنهنجي آئين جي ٻن آرٽيڪلز کي ختم ڪري ڇڏيو جنهن سان نه رڳو ڪش??ير??ن جي خودمختياري محدود ٿي وئي پر ??ش??ير??ن کي بدترين ڪرفيو ۽ ل??ڪ ڊائون کي منهن ڏيڻو پيو، رياست کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، هن چيو ته مودي جو هندستان بي مثال قربانيون ڏيندڙ بهادر ڪش??ير??ن جي آزدي جي جدوجهد کي چيڀاٽي نٿو سگهي