ڪراچي – 22 مئي (اي پي پي) ڪراچي جي هوائي اڏي ويجهو پي آءِ اي جو مسافر جهاز آبادي مٿان ڪري تباهه ٿي ويو آهي. علائقي ۾ وڏي پيماني ت?? امدادي ڪارروائيون شروع ٿي ويون آهن. خبر موجب پي آءِ جي اي??ر بس 320 پي ڪي 8303 سوا هڪ وڳي لاهور کان ڪراچي لاءِ اڏام ڀري هئي. جمعي ڏينهن منجهند جو لينڊگ کان ڪجهه منٽ پهرين هوائي اڏي لڳ ??اقع ماڊل ڪالوني ۾ گهرن مٿان ڪري تباهه ٿي ويو. جهاز ۾ 91 مسافر ۽ عملي جا 8 ڄڻا شامل هئا. اکين ڏٺن شاهدن موجب جهاز ڪرڻ سان زوردار ڌماڪو ٿيو جنهن بعد دونهين جا ڪارا بادل ڇانئجي ويا. سول ايوي اي??ن جي ذريعن موجب جهاز جي پائليٽ فني خرابي جو اطلاع ڏنو هو ۽ گائيڊ لائين ڏيڻ دوران ريڊار تان گم ٿي ويو. حادثي جو اطلاع ملندي ئ?? امدادي ٽميون ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا جٿا واقعي واري هنڌ پهچي ويا.