اسلام آباد ??? 06 اپريل (اي پي پي) ڪرونا وائرس تي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ??سد قيصر جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، روينيو واري وفاقي وزير حماد اظهر، ريلوي واري وزير شيخ رشيد احمد، سينيٽر شبلي فراز، سينيٽر مشاهد الله، سينيٽر غفور حيدري، سينيٽر شيري رحمان ۽ قومي اسيمبلي ميمبر راجا پرويز اشرف شرڪت ڪئي. ڪميٽي کي اين ڊي ايم اي جي سربراهه ??نرل افضل ۽ وزيراعظم جي صحت واري خا?? معاون ڊاڪٽر طفر مرزا بريفنگ ڏني.