اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ڪوٽ لکپت جيل لاهور جو دورو ڪيو ۽ سڄي پاڪستان ۾ قيدين جي سزا ۾ ٻن مهينن جي گهٽتائي ۽ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جي سربراهي ۾ جيلن ۾ قيدين جي سهولت ۽ مجموعي نظام جي بهتري لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ جي ??اءِ ڪمي??ي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم لاهور جي دوري جي ??وقعي تي ڪوٽ لکپت جيل جو دورو ڪيو ۽ قيدين جي سزائن ۾ ٻن مهينن جي گهٽتائي جو اعلان ڪيو ۽ جيل س??ارن جي ??اءِ گهرو وزير جي سربراهي ۾ ڪمي??ي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. وزيراعظم پاران اعلان ڪيل جيل س??ارا ڪميٽي ۾ چئني صوبن جي ??مائندگي ڪندي آفيسر شامل هوندا. وزيراعظم شهباز شريف ان موقعي تي چيو ته جيڪي قيدي پنهنجي سزا مڪمل ڪري وٺن انهن کي مع??شري جو فعال شهري بڻائڻ ۾ هر ممڪن سرپرستي حڪومت جي ??رضن ۾ شامل آهي. وزيراعظم ڪوٽ لکپت جيل عملدارن کي خصوصي هدايت ڪئي ته قيدين جي سهولت لاءِ دستياب ذر??عن کي موثر طريقي سان استعمال ۾ آندو وڃي ته جيئن قيدين جي بنيادي ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي، ان ڏس ۾ وزيراعظم قيدين جي کاڌي پيتي ۽ صحت جي سهولتن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ??دايت ڪئي. وزيراعظم قيدين کي هنرسازي جي ??اءِ پڻ دستياب ذر??عا موثر طور تي استعمال ۾ آڻڻ جي خصوصي هدايت ڪئي ته جيئن قيدي پنهنجي سزا جو وقت مثبت انداز ۾ پورو ڪري سگهن ۽ پنهنجو پاڻ کي سزا کانپوءِ مع??شري ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ ڀرپور طريقي سان تيار ڪري سگهن.