ڪراچي – 13 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم ميان شه??از شريف باباءِ قوم جي مزار تي بيهي وچن ڪيو آهي ته هو پنهنجي ڀرپور صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻيندي ملڪ جي خدمت ڪند??. و??يراعظم پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري جي موقعي تي مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر قلمبند ڪيا. وزيراعظم لکيو ته ”اسان جي لاءِ هڪ ڌار وطن قائم ڪرڻ جي عظيم جدوجهد تي تو??ان کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ ۽ تو??ان جي لاءِ پنهنجي بي پناهه احترام جي اظهار طور تو??ان جي مزار تي حاضر ٿيو آهيان، اسان تو??ان کان مغذرت خواهه آهيون ته اسان قوم جي حيثيت سان ان راهه جي پيروي نه ڪري سگهياسين جنهن ??ي تو??ان کي اسان مان اميد هئي. اهڙي طرح تو??ان جي روح کي اسان مايوس ڪيو، آئون تو??ان سان پختو وچن ڪريان ٿو ته آئون پنهنجي ڀرپور صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻيندي پنهنجي ملڪ جي خدمت ڪندس ۽ ڪوشان رهندس ته آئون تو??ان جي اميدن تي پورو لهي سگهان.