اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته نواز شريف ج??ن اسرائيلي سفارتڪار ??ان ملاقاتون رڪارڊ تي آهن، اهڙا ماڻهو جڏهن ??اهرئين ملڪ هليا ويندا آهن ته اهي انٽرنيشنل اسٽيبلشمينٽ جو آله ڪار ??ڻجي ويندا آهن، انهي لاءِ نواز شريف کي ٻاهر موڪلڻ جي مخالفت ڪئي هئي، عمران خان دلير ماڻهو آهي، هو ماڻهن جي سامهون شيون رکندو آهي، عوام کي گڏ کڻي هلندو آهي، سياسي پارٽي جي حيثيت سان اسان جو ڪم آهي ته ماڻهن جي سامهون حق ۽ سچ رکيو وڃي، فيصلو پاڪستان جي عوام ۽ چونڊيل نمائندن کي ڪرڻو آهي. اهڙن خيالن جو اطهار هن ??فاقي وزير اسد عمر سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم چيف جسٽس کي پاڪستان جي وڏي هجڻ جي حيثيت سان خط ڏ??کا??ڻ جو فيصلو ڪيو آهي، خط ڏ??کا??ڻ جو مقصد اهو آهي ته چيف جسٽس صاحب کي خط سان جڙيل معاملن جو پتو پئجي سگهي. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ اسان جي سامهون آهي، لياقت علي خان شهيد ٿيو، ذوالفقار ??لي ڀٽو کي ڦاهي ڏني وئي، جنرل ضياءُ الحق جو جهاز تباهه ٿيو، هن خط جي ذريعي انهن ??تيجن کان آگاهه ڪيو ويو ته سياست عمران خان کي ڪيڏانهن ??ٺي ويندي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان دلير ماڻهو آهي، هو ماڻهن جي سامهون شيون رکندو آهي، عوام کي گڏ کڻي هلندو آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ اهڙو اڳواڻ موجود آهي جيڪو ٻاهر وارن جون ڪالون ناهي کڻندو، هي اهو اڳواڻ آهي جيڪو عوام سان جڙيل آهي. هن چيو ته سياسي پارٽي جي حيثيت سان اسان جو ڪم آهي ته ماڻهن جي سامهون حق ۽ سچ رکيو وڃي، فيصلو پاڪستان جي ماڻهن ۽ چونڊيل نمائندن کي ڪرڻو آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم جي مقبوليت جي ڪري ٻاهريان عنصر خوفزده آهن، اهو خط بي اعتمادي رٿ اچڻ کان اڳ جو آهي، هن خط ۾ بي اعتمادي رٿ جون ڳالهيون به شامل آهن، مخالف ڌر جا ماڻهو اڻڄاڻائي جي ڪري ان سازش جو حصو آهن. هن چيو ته م??ن انهي لاءِ چيو هو ته نواز شريف کي ٻاهر نه وڃڻ ڏنو وڃي، اهڙا ماڻهو جڏهن ??اهر هليا وڃن ٿا ته اهي انٽرنيشنل اسٽيبلشمينٽ جو آله ڪار ??ڻجي ويندا آهن، نواز شريف ج??ن اسرائيلي سفارتڪار ??ان ملاقاتون رڪارڊ تي آهن، هن چيو ته ميڊيا جي ٻن ٽن نام نهاد وي لاگرز خط لهرايو، انهن ??ام نهاد سينئر وي لاگرز جي ٽي وي تي به ريٽنگ نه آهي، اهي پنهنجي وي لاگ تي ئي لڳل هوندا آهن، کين ڪالهه به چيو هو ته اهي نوجوان رپورٽرز کان تربيت وٺن ته خبر جي تصديق ڪهڙي طرح ڪئي ويندي آهي، هڪ خط يورپي يونين جو لهرايو پيو وڃي جيڪو اڳ ۾ ئي پبلڪ آهي، هڪ صحافي جعلي خط به شيئ?? ڪري ڇڏيو، هن چيو ته جنهن خط جو ذڪر ڪيو پيو وڃي اهو ميڊيا وٽ نه آهي، جيڪي ماڻهو ٻين خطن کي ان خط جو چئي پيش ڪري رهيا آهن اهي ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن.