اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته شطرنج به اس??ن وٽ، چالون ۽ مستقبل به اس??ن وٽ آهي، هي ماڻهو بادشاهه کي ڪيرائڻ نڪتا هئا پر انهن کي خبر نه هئي ته رستي ۾ ڪيتريون مشڪلاتون اينديو??، هي عمران خان جي مقبوليت نه ڄاڻيندا هئا، ڪجهه ماڻهن جي ڳالهين ۾ اچي اهي سمجهي ويٺا ته شايد عمران خان جي مقبوليت گهٽ ٿي وئي آهي، ضمير فروشن کي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا آهن، اس??ن انهن کي 7 ڏينهن ڏنا آهن اهي واپس اچي سگهن ٿا، جن ماڻهن جو عمران خان سان گذارو نه آهي ۽ انهن جي پيٽ ۾ سُور آهي ته اس??ن انهن کي دوا ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، عمران خان کانسواءِ پاڪستان جي سياست مڪمل نه آهي ۽ تحريڪ انصاف کانسواءِ پاڪستان جي حڪومت مڪمل نه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بني گالا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي توانائي وارو وفاقي وزير حماد اظهر پڻ موجود هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اس??ن جي سياسي مخالفن کي هوش اچي ويو آهي ۽ انهن کي خبر پئجي وئي آهي ته عمران خان ۽ پي ٽي آءِ عوام ۾ ڪيترا مقبول آهن. هن چيو ته اڄ وزيراعظم جي صدارت ۾ اجلاس ۾ توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر جا بجلي جي قيمت ۾ 5 رپيا گهٽتائي ڪرڻ تي ٿورا مڃيا ويا. هن چيو ته پيٽرول ۽ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي کي هر طبقي جي ماڻهن ساراهيو آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان ۾ ڪالهه پرامن احتجاج جي لاءِ جيڪي ماڻهو نڪتا اهي پاڪستان جا هيرو آهن، اس??ن کي سٺائي ۽ بدي ۾ فرق ڪرڻو آهي، امر بالمعروف و نهي عن المنڪر اس??ن جي سوسائٽي جو بنياد آهي. هن چيو ته ڊي چوڪ جلسي جو ٿهيم ”امر بالمعروف“ هوندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ضمير فروشن کي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا آهن، اس??ن انهن کي 7 ڏينهن ڏنا آهن اهي واپس اچي سگهن ٿا. هن ٻڌايو ته هڪ صاحب جي ڀاءُ جي فون آئي ۽ چيو ته س??دس ڀاءُ جي حرڪت تي اس??ن جو خاندان شرمنده آهي. هن چيو ته س??ڌ هائوس جي ٻاهر سنڌ پوليس جو پهرو لڳل آهي، اس??ن ڪنهن کي قيد ۾ نه ڇڏينداسين، سڀني ماڻهن کي ٻاهر اچڻ جو موقعو ملندو. چوڌري فواد حسين چيو ته اتحادين سان معاملا جلد طئي ٿي ويندا، ماڻهن جي واپسي جو سفر توهان سڀ ڏسندا. هن چيو ته حڪومت نه اڳ ۾ ڪيڏانهن وڃي رهي هئي، نه هاڻي ڪيڏانهن وڃي رهي آهي ۽ نه اڳتي ڪيڏانهن ويندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جن ماڻهن جو عمران خان سان گذارو نه آهي ۽ انهن جي پيٽ ۾ سُور آهي ته اس??ن انهن کي دوا ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، پر گذارو عمران خان سان ئي ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اس??ن جي ڪوشش آهي ته معاملا جلد طئي ٿين ۽ اس??ن معيشت جي بهتري طرف واپس وڃي سگهون، ڪٿي ائين نه ٿئي جو سياست جي ڪري معيشت کي نقصان پهچي. هن چيو ته آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو شهباز شريف سان گڏ ??يٺ?? آهن، ڳالهيون ٿي رهيون آهن ته پيٽ ڦاڙي اس??ن کي پئسا واپس ڪيئن وٺڻا آهن. هن چيو ته پنهنجي قوم تي فخر آهي، قوم ثابت ڪيو آهي ته هي 1989ع يا 1990ع جو ڏهاڪو نه آهي، هتي خراب کي خراب چوندڙ ماڻهو موجود آهن. هن چيو ته وزيراعظم جو پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته پرامن احتجاج اس??ن جو حق آهي پر ان احتجاج ۾ تشدد نه ٿيڻ گهرجي، احتجاج هر ذي شعور جو آئيني حق آهي. هن چيو ته هارس ٽريڊنگ جي حوالي سان سومر تي ريفرنس داخل ڪنداسين، سپريم ڪورٽ ۾ اهو معاملو ويندو. هن چيو ته شهباز شريف 60ع جي ڏهاڪي جا سوٽ ڪڍي رکيا آهن، ڪٿي هاڻي هيٽ پائي هٿ ۾ پائيپ به نه پڪڙي وٺي، جيترو هو پاڻ کي ڏيکارڻ چاهي ٿو ته آئون گورو آهيان، ائين لڳي نه رهيو آهي. هن چيو ته گورو بڻجڻ جي لاءِ هو دوائون ۽ ڪريمون به اس??عمال ڪري رهيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پنهنجي اوقات موجب بندو ڳالهه ڪندي سٺو لڳي ٿو، منهنجو ووٽ بئنڪ عمران خان جي ڪري آهي.