لاڙڪاڻو – 28 فيبروري (اي پي پي) پي ٽي آءِ جي مرڪزي وائيس چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته بلاول کي اک هُجي ها ته مُون لاءِ اهڙا جملا نه چوي ها، بلاول اسلام آباد لاءِ نڪتو آهي اسين حساب ڏينداسين پر 15 سالن جي حڪومت جو انهن کي به حساب ڏيڻو پوندو. لاڙڪاڻي شهر جي رائل روڊ تي حقوق سنڌ مارچ ريلي و??ري جلسي کي خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته آءُ اڄ پي ٽي آءِ جي ڪاروان کي کڻي 26 فيبروري تي سنڌ ڌرتي تي آيس. سنڌ سان منهنجو سياسي رشتو ڪالهه جو آهي پر سنڌ سان منهنجو رشتو 800 سالن جو آهي ۽ آءُ خبر سان چوان ٿو ته سنڌ جي ثقافت، ڌرتي، ٽوپي، اجرڪ ۽ اوليائن کي سڃاڻان ٿو. آئون اڄ لاڙڪاڻي وڏي عرصي کان پوءِ آيو آهيان ياد آهي ته هر سال 4 اپريل ڀٽو جي ورسي جڏهن پنجاب پي پي پي جو صدر هيس ته ايند?? هيس مون ڇو پنهنجا رستا الڳ ڪيا. محترمه مون کي پي پي پي ۾ اچڻ، عزت، صدارت ڏني پر محترمہ شهيد ٿي ته ملتان ۾ 25 ڊسمبر هي شام آئي ۽ چيو ته توهان راولپنڊي جلسي جي تي??ري ڪريو مون کي خبر نه هئي ته اها ان سان آخري ملاقات ڪئي ۽ آخري ڳالهه ٻولهه هئي. مون پ پ پ جو ساٿ ڏنو ۽ حڪومت دوران محسوس ڪيو ته پي پي پي پنهنجو قبلو تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻ اها زر ۽ زرد??ري جي پارٽي ب??جي وئي آهي. مون ڏُکئي وقت ۾ نه ڇڏيو آصف زرد??ري اقتدار ۾ ملڪ جو صدر هو ۽ اقتدار هو پر مون پنهجي ضمير جي آواز ٻڌي ريمنڊ ڊيوس جي معاملي تي پرڏيهي وزارت ڇڏي الوداع ڪري قومي اسيمبلي جي سيٽ تان استعيفا ڏني، آصف علي زرد??ري جو پيغام مليو ته جيڪو پ پ ڇڏيندو آهي اهو زيرو ٿيندو آهي پر آئون ان وقت به ايم اين اي ۽ پرڏيهي وزير هيس اڄ به آهيان مون کي ڪنهن جي سه??ري جي ضرورت ناهي. هن چيو ته سردار ممتاز خان ڀٽو وٽ ويس ته ڀٽو خاندان سان منهنجو ڪهڙو تعلق آهي ۽ جڏهن سردار ممتاز ڀٽو جي تعزيت تي آيس ۽ امير بخش ڀٽو کي چيو ته وڏا ويندا آهن ته ننڍا وڏا ٿيندا آهن ۽ هي بار جي سگهه الله سائين اوهان کي عطا ڪري. منهنجو ڀٽو خاندان سان ڪهڙو تعلق هو ۽ ڀٽو خاندان جو بهاءالدين ذڪريا سان ڪهڙو رشتو هو. اڄ محترمه زندهه هجي ها ته هو ٻڌائي ها ڀٽو ۽ منهنجي خاندان جو ڪهڙو تعلق آهي. هن چيو ته ڀٽو خاندان سان منهنجي خاندان جو رشتو شهيد ڀٽو ملتان ۾ منهنجي مامي جي گهر ايندو هو ۽ ڪاش محترمه زندهه هجي ها ان سان زندگيءَ جا ڪيترائي سال گذاريا. منهنجي دستاربندي ٿي رهي هئي ته محترمه بينظير ڀٽو ملتان آئي ۽ مون کيس چيو ته دستاربندي جي تقريب ۾ عورتون نه پر مرد ايندا آهن ان وقت گادي نشين، پير ۽ عالم هئا ۽ اسٽيڊيم ۾ تقريب هئي مون چيو ته اوهان عورتن سان ويهو پر محترمه چيو ته مون کي خبر آهي جيڪڏهن منهنجي خاندان مان ڪو مرد هجي ها ته اڄ هتي اچي ها پر دستاربندي جي وقت محترمه پنڊال ۾ ويٺي هئي زرد??ري کي ڪيئن سمجهايان ته ان وٽ اها اک ناهي جيڪڏهن بلاول ڀٽو هجي ها ته اهي جملا منهنجي لاءِ نه چوي ها پر ڀٽو خاندان منهنجي خاندان کي سڃاڻيندا هئا پر زرد??ري نه. هن چيو ته اڄ لاڙڪاڻي تمام وڏو فيصلو ڪي?? هي شهر جتان معظم علي عباسي کي پيپ??ز پارٽي جي اقتدار ۾ هتان جي ماڻهن ايم پي اي چ??نڊ??ايو ان وقت پوليس، انتظاميه ۽ مشينري پي پي پي وٽ هئي ڇاڪاڻ ماڻهن سمجهيو ته ھي زرد??ري جو شهر ناهي اڄ توهان کان سوال ڪري رهيو آهيان ته ڇا هي قبضو ختم ڪرڻ جي اوهان ۾ همٿ آهي ته زر ۽ زرد??ري جي سياست کان لاڙڪاڻو آزاد ٿيندو. هن چيو ته ماڻهو چوندا هئا ته تبديلي اچي نه پئي تبديلي اچي وئي آهي جنهن کي ضياء الحق، مشرف ۽ ٻيا جهڪائي نه سگهيا پر زرد??ري ان کي تباهه ڪري ڇڏيو اڄ بلاول اسلام آباد لاءِ نڪتو آهي اسين حساب ڏينداسين پر 15 سالن ۾ توهان جي حڪومت آهي ڇا توهان به ڏيندو ڇا سنڌ ۾ انصاف آهي جيڪڏهن آهي ته آئون حساب ڏيندس اڄوڪي ڏينهن تي هتان جي ماڻهن جيڪا عزت ڏني نوجوانن کي چوندس ته سنڌ جي حالتن کي تبديل ڪرڻو آهي ته هاڻي کان پنهنجي سوچ تبديل ڪري پي ٽي آءِ جي منشور ۽ فلسفي کي شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ کڻي وزيراعظم جو پيغام پهچايو. هن چيو ته وزيراعظم کي ملڪ ۾ مهانگائي جو احساس آهي جنهن 10 روپيا ڊيزل گهٽ ڪري ڇڏي ۽ في يونٽ 5 روپيا بجلي گهٽ ڪري ڇڏي اڄ ڀل??ري رات تي هي خوشخبري لاڙڪاڻي ۾ ملي.