اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ??ه پاڪستان افغانستان سان ڪاروباري لاڳاپن ۽ مواصلاتي منصوبن کي اولين ترجيح ڏي ٿو، افغانستان ?? پاڪستان جي مدد سان تعمير ٿيندڙ اسپتالن ۽ افغانستان سان وسيع تر روڊ ۽ ريل رابطي ۾ تعاون ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن افغانستان بابت ايپڪس ڪميٽي جي چوٿين اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ??ه پاڪستاني يونيورسٽين ۾ تعليم پرائيندڙ افغان شاگرد افغانستان جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوامي سطح تي رابطن کي مضبوط بڻائيندا. وزيراعظم هدا??ت ڪئي ته انهن جي لاءِ وظيفا جاري رکيا ??ڃن ۽ سمورا ضروري وسيلا دستياب ڪيا وڃن. پاڪستان ?? افغانستان جي وچ ۾ ٻطرفي واپار جي امڪانن جي حوالي سان وزيراعظم چيو ??ه پاڪستان افغانستان سان ڪاروباري لاڳاپن ۽ مواصلاتي منصوبن کي اولين ترجيح ڏي ٿو ۽ حڪومت پاران مڪمل سهولت فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ??ه پاڪستان افغانستان ?? پاڪستان جي مدد سان تعمير ڪئي ويندڙ اسپتالن ۽ افغانستان سان وسيع تر روڊ ۽ ريل رابطا قائم ڪرڻ ۾ تعاون ڪندو. ان کان اڳ ايپڪس ڪميٽي کي قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف افغانستان جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم لاڳاپيل وزارتن کي هدا??ت ڪئي ته اهي افغان عوام جي امداد جي لاءِ اعلان ڪيل منصوبن ۽ واعدن تي تيزي سان عمل ڪن. اجلاس ۾ وفاقي وزي??ن شوڪت فياض ترين، چوڌري فواد حسين، شفقت محمود، اعظم خان سواتي، شيخ رشيد احمد، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، وزيراعظم جي واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزيراعظم جي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان ?? اعليٰ سول ۽ فوجي آفيس??ن شرڪت ڪئي.