اسلام ??با?? – 22 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته شريف فيملي راڻا شميم ڪيس ۾ ان انڪشاف جي ترديد ناهي ڪئي ته اهو حلفيه بيان نواز شريف جي آفيس ۾ سندس هدايتن موجب تيار ٿيو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته راڻا شميم ۽ سوليسٽر نواز شريف جي آفيس ۾ اهو حلفيه بيان رڪارڊ ڪر??يو?? سمورا واقعا ظاهر ڪن ٿا ته اهو ڊرامو عدالت تي اثرانداز ٿيڻ ج?? لاءِ ڪيو ويو.