اسلام آباد – 24 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آه?? ته اڄ سنڌ جو آبادگار، هاري، مزدور سنڌ جي ڪرپٽ حڪمرانن جي خلاف فيصلو ڏئي ڇڏيو آه??، حقيقت ۾ اڄ جو آبادگار ٽريڪٽر ٽرالي احتجاج سنڌ حڪومت جي خلاف هو. فرخ حبيب بلاول زرداري جي خطاب تي رد عمل جو اظهار ڪندي چيو ته اڄ سنڌ جو آبادگار، هاري ۽ مزدور بکيو سمهي رهيو آه?? ته ان جي ذميدار به پيپلزپارٽي ئي آه??. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پيپلزپارٽي 13 سالن کان سنڌ تي حڪومت ڪري رهي آه?? پر آبادگارن جي لاءِ ڪو به عملي قدم نه کنيو ويو. هن چيو ته س??ڌ جا غريب آبادگار ۽ هاري بلاول کان پڇي رهيا آه?? ته ڪينال کان سڌو سنئون 500 کان وڌيڪ ڪنيڪشن ڇو ڏنا ويا آه??، مملڪتي وزير چيو ته بدقسمتي سان اڄ به س??ڌ ۾ آبادگارن ۽ ننڍن زميندارن کي پاڻي نٿو ملي، پرچي چيئرمين ٻڌائي ته سکر ۽ ڪوٽڙي سميت سنڌ ۾ پاڻي چور ڪير آه??؟ مملڪتي وزير چيو ته س??ڌ حڪومت جي نااهلي جي ڪري بدين ۽ ٺٽي ۾ سرسبز ٻنيون ٻارا بنجر بڻجي ويا آه?? ۽ مقامي ماڻهو لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور آه??، هن چيو ته س??ڌ ۾ جاگيرداراڻو نظام، هڪ ظالماڻو نظام بڻجي چڪو آه??.