اسلام آباد – 15 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته هنگامي صورتحال ۽ انساني الميي کان بچڻ لاءِ پاڪستان افغان عوام جي لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪندو، افغانستان جي ضرورت وقت اڪيلو ڇڏڻ ڪنهن جي مفاد ۾ نه هوندو، حڪومت ??اڪستان افغان عوام جي مدد لاءِ 5 ارب روپين جي امداد مختص ڪئي آهي، پاڪستان جي رستي افغان عوام کي ??مداد ڏيندڙ عالمي ادارن کي ??هولت فراهم ڪئي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن افغانستان بابت ايپڪس ڪميٽي جي ٻي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شاهه محمود قريشي، چوڌري فواد حسين، شيخ رشيد احمد، اسد عمر، صلاحڪارن شوڪت ترين ۽ عبدالرزاق دائود، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ سينئر سول ۽ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته هنگامي صورتحال ۽ انساني الميي کان بچڻ خاطر پاڪستان افغان عوام لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪندو، افغانستان کي ??رورت جي وقت اڪيلو ڇڏڻ ڪنهن جي مفاد ۾ نه هوندو. حڪومت ??اڪستان افغان عوام جي مدد لاءِ 5 ارب روپين جي امداد مختص ڪئي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئ?? ته پاڪستان جي رستي افغان عوام کي ??مداد ڏيڻ وارن عالمي ادارن کي ??هولتون فراهم ڪيون وينديون. ايپڪس ڪميٽي ۾ شرڪت ڪندڙن افغانستان ۾ هنگامي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. پاڪستان آچر تي او آءِ سي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي خصوصي اجلاس جي ميزباني ڪري رهيو آهي، ان خصوصي اجلاس ۾ افغان عوام جي مشڪلاتن کي ??جاگر ڪيو ويندو ۽ انهن جي مدد جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي.