اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏي??ي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان او آءِ سي پرڏي??ي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي موقعي تي اردن جي پنهنجي هم منصب ايمن صفادي ملاقات ڪئي. اردني پرڏي??ي وز??ر شاهه اردن پاران پاڪستاني قوم کي محبت ۽ خيرسگالي جو پيغام پهچايو. پرڏي??ي وزير چيو ته پاڪس??ان ۽ اردن جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا آهن جي??ي اسان جي گڏيل ثقافت ۽ تاريخي قدرن سان واڳيل آهن. پرڏي??ي وزير پاڪس??ان ۽ اردن جي وچ ۾ بهتر پاليسي ڪوآرڊيني??ن ۽ ٻطرفن رابطن جي فروغ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته اسان پاڪس??ان اردن گڏيل وزارتي ڪمي??ن ۽ ٻنهي ملڪن جي پرڏي??ي وزارتن جي وچ ۾ جلد ڳالهيون منعقد ڪرڻ جا منتظر آهيون. پاڪس??ان ۽ اردن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار جو ڪاٿو وڌائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. پرڏي??ي وزير اردني پرڏي??ي وزير جو ڌيان اردن ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي کي درپيش مسئلن طرف ڇڪرايو. اردن جي پرڏي??ي وزير ايمن صفادي پرخلوص ميزباني تي پرڏي??ي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيندي کيس اردن جي دوري جي دعوت ڏني.