اسلام آباد – 14 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب بلوچستان ۾ پاڪ ايران سرحد تي عبدوئي سيڪٽر جي چوڪي تي دهشتگردن جي حمل?? جي مذمت ڪئي آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پاڪ فوج سرحدن جي سيڪيورٽي کي موثر بڻائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي، مملڪتي وزير چيو ته ان واقعي ۾ ش??يد ٿيندڙ پاڪ فوج جي لائنس نائيڪ جي بلند درجن لاءِ دعاڳو آهيون. فرخ حبيب چيو ته پاڪستان هر طرح جي دهشتگرد?? جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، اسان جي فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي مٽ?? ۾ ??لائي رهيا آهن.