اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان چيو آهي ته آلودگي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ پائيدار ماحولياتي تحفظ منصوبو وقت جي اهم ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ آلودگي بابت مسئلن جي حوالي سان منعقد اج??اس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته هو ملڪ جي وڏن سهرن کي آلودگي کان بچائڻ لاءِ صوبائي حڪومتن سان گڏجي حڪمت عملي جوڙين ۽ ان سلسلي ۾ فوري طور تي سمورا ضروري قدم کنيا وڃن. وزيراعظم چيو ته صاف سٿرو ۽ آلودگي کان پاڪ پاڪستان اسان جي اولين ترجيح آهي. ماحولياتي تبديلي بابت مسئلن جي حل لاءِ پائيدار بينادن تي قدم کڻڻ گهرجن. وزيراعظم چيو ته وڏي پئماني تي شهرن ۾ وڻڪاري جي ذريعي حڪوم?? وڌ کان وڌ ٻوٽا لڳائڻ تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي. اج??اس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، وزيراعظم جي ماحولياتي تبديلي بابت خاص مددگا?? ملڪ امين اسلم، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل ۽ ٻين سينئر عملدارن ش??ڪت ڪئي جڏهن ته پنجاب جو چيف سيڪريٽري، سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو بابر حيات تارڙ وڊيو لنڪ جي ذريعي شريڪ ٿيا.