اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ملٽي نيشنل ڪمپنين ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي پنهنجي ڪاروباري ادارن کي خاص طور تي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ توسيع ڏيڻ جي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ هڪ اداره ج??تي فريم ورڪ قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان ۾ غير ملڪي سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ جي لاءِ ڪمپنين جي رجسٽريشن ۽ سرمائي جي منتقلي کي آسان بڻائيندي ڪاروباري ماحول کي بهتر بڻايو ??ڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ آمريڪا جي سيليڪون ويلي سان تعلق رکندڙ پاڪستانين جي وڊيو ??نڪ جي ذريعي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ غير ملڪي سيڙپڪارن ۽ پاڪستانين کي پاڪستان ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي دوران درپيش مسئلن تي غور ڪيو ??يو. سيليڪون ويلي سان تعلق رکندڙ پاڪستاني شهرين جي مشهور آءِ ٽي ماهرن درپيش مسئلن کي اجاگر ڪيو جنهن ۾ ڪمپنين جي رجسٽريشن جو ڏکيو طريقيڪا??، بئنڪ اڪائونٽس کولڻ جو ڊگهو ??مل ۽ هڪ ونڊو آپريشن جي کوٽ نمايان آهي جيڪا غير ملڪي ڪاروبارن ۽ سيڙپڪارن جي ملڪ ۾ اچڻ جي راهه ۾ رڪاوٽ آهن. هن ڪاروباري ماحول کي بهتر بڻائڻ لاءِ مختلف قدم تجويز ڪيا ته ج??ين پاڪستان کي آءِ ٽي سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري لاءِ پرڪشش مقام بڻائي سگهجي. سيڪيورٽي اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان (ايس اي سي پي) اجلاس کي ٻڌايو ??يو ته ڪمپنين جي رجسٽريشن جي عمل کي آسان بڻايو ??يو آهي جنهن سان ايس اي سي پي ۾ ڪنهن ڪمپني کي رجسٽر ڪرڻ ۾ صرف 4 ڪلاڪ لڳندا آهن. سيڙپڪاري بورڊ جي سيڪريٽري ٻڌايو ته تجارتي ۽ ڪاروباري تڪرارن کي حل ڪرڻ لاءِ ملڪ جي 23 ضلعن ۾ ڪمرشل ڪورٽون قائم ڪيون ويون آهن، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر (ايس بي پي) اجلاس کي ٻڌايو ته اسٽيٽ بئنڪ ڪاروباري ادارن کي غير ملڪي سيڙپڪارن کي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوسشون ڪري رهيو آهي، اجلاس غير ملڪي سيڙپڪارن کي سهولت ڏيڻ لاءِ موجوده نوٽريائزيشن طريقيڪار ۾ ترميم ۽ آسان بڻائڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو، اجلاس ۾ خطاب ڪندي صدر چيو ته حڪومت غير ملڪي ڪاروبارن ۽ سيڙپڪارن کي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ سنجيده قدم کڻي رهي آهي. صدر ٻاهرين ملڪ پاڪستاني برادري کي خاطري ڪرائي ته هو ڪاروبار دوست ماحول فراهم ڪري انهن جي خدشن کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڏينداسين.