اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته اسان کي افغانستان جي موجوده صورتحال تي انساني همدردي تحت ڪم ڪرڻ جي ض??ور?? آهي، عوامي مفاد لاءِ جتي به ض??ور?? پئي ته قانونسازي ڪنداسين، هو موسمياتي تبديلي بابت ڪميٽي جي اهتمام هيٺ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان ??وقعي تي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته پارليامينٽ جو ڪم صحيح معنيٰ ۾ عوام جي ئي نمائندگي ڪرڻ آهي، عوامي مفادن جي تحفظ لاءِ جتي به ض??ور?? پئي قانونسازي ڪنداسين، هن چيو ته اسٽينڊنگ ڪميٽين ۾ ماهرن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون، اسان زراعت جي ڪميٽي ۾ آبادگارن، سائنسدانن ۽ ماهرن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون، موجوده اسيمبلي اهم قانونسازي ڪئي آهي، هن وقت تائين 94 بل منظور ٿي چڪا آهن ۽ 200 کان ??ڌيڪ بل ڪميٽين ۾ غور هيٺ آ??ن، اهڙي طرح نجي ميمبرن جا 16 بل به منظور ٿي چڪا آ??ن، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته موجوده پارليامينٽ محروم طبقي جي حوالي سان ??دم کنيا آ??ن، خصوصي ماڻهن جي حوالي سان به قانونسازي ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته اسان کي افغانستان جي صورتحال تي انساني همدردي تحت ڪم ڪرڻ جي ض??ور?? آهي. افغانستان جي ماڻهن کي خوراڪ جي فراهمي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. افغانستان جي صورتحال تي پارليامينٽ جي ڪميٽي جوڙي وئي آهي، هن چيو ته خيبرپختونخوا صوبي جي قبائلي ضلعن (اڳوڻي فاٽا) جي حوالي سان جيڪي واعدا ڪيا آهن انهن تي عملدرآمد جي حوالي سان ??ارليامينٽ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي.