اسلام آباد_12 سيپٽمبر (اي پي پي)پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪس??ان ڊنمارڪ سان ٻه طرفا لڳاپن کي خاص اهميت ڏئي ٿو، ڊنمار?? جي حڪومت پاڪس??ان ۾ سيڪيورٽي ۽ وب??ئي صورتحال ۾ بهتري ڏسندي پاڪس??ان لاءِ سفري هدايت نامي تي نظر ثاني ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊنمار?? جي پرڏيهي وزير جيب ڪوفوڊ سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو، ٻنهي پرڏيهي وزيرن وچ۾ ٻه طرفا لاڳاپن ۽ افغانس??ان جي موجوده صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي،مخدوم شاه محمود قريشي چيو ته پاڪستان، ڊنمارڪ سان ٻه طرفا لاڳاپن کي خاص اهميت ڏئي ٿو ۽ انهن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي، هن پنهنجي ڊنمار?? جي هم منصب کي افغانس??ان سان مختلف ملڪن جي سفارتي عملي، عالمي تنظيمن، ميڊيا ۽ ٻين ماڻهن کي محفوظ طريقي سا?? ڪڍڻ لاءِ پاڪس??ان جي مدد کان آگاه ڪيو، ڊنمار?? جي پرڏيهي وزير جيب ڪوفوڊ ڪابل مان ڊنمار?? جي شهرين کي حفاظت سا?? ڪڍڻ ۾ ڀرپور مدد جي فراهمي تي پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي جو شڪريو ادا ڪيو، شاه محمود قريشي ڊنمار?? جي حڪومت تي زور ڀريو ته پاڪس??ان ۾ سيڪيورٽي۽ وب??ئي صورتحال ۾ بهتري کي ڏسندي پاڪس??ان لاءِ سفري هدايت نامي تي نظر ثاني ڪري، ان موقعي تي هن پنهنجي هم منصب کي پاڪس??ان جي سرڪاري دوري جي دعوت ڏني، جنهن کي هن شڪريو ادا ڪندي قبول ڪيو ۽ جلد پاڪس??ان جو دورو ڪ??ڻ جو اشارو ڏنو، جڏهن ته هن پڻ مخدوم شاه محمود قريشي کي ڊنمار?? جي دوري جي دعوت ڏني.