اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي ??ي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب مستونگ روڊ ڪوئيٽا ويجهو ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز سڄي ملڪ ۾ امن امان قائم ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي جانين جي قربانين کان به نه ٿيون ڪٻائين. پنهنجي بيان ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته دهشتگردن جي ب??دلاڻين ڪاررواين ۽ ڪڌن مقصدن کي ناڪام بڻائيندا رهنداسين. هن چيو ته هو ڪوئيٽا ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ ايف سي سيڪيورٽي جي جوانن جي بلند درجن ۽ گهرڀاتين جي صبر جمي?? جي لاءِ دعاگو آهي. هن چيو ته ٽي ٽي پي جي ب??قي رهيل دهشتگردن جو خاتمو ڪري سک جو ساهه کڻنداسين.