اسلام آباد – 16 آگسٽ (اي پي پي) قومي سلامتي ڪميٽي ان عز?? جو اظهار ڪيو آهي ته پاڪستان سمورن افغان گروپن جي نمائندگي رکندڙ ٺوس سياسي حل جي لاءِ پرعزم آهي جيڪو اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي ۽ عالمي برادري ۽ سمورين افغان ڌرين سان گڏجي ٺوس سياسي حل جي لاءِ ڪم ڪندو رهندو. قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيو جيڪو افغانستان ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي غور فڪر جي لاءِ طلب ڪيو ويو هو. اجلاس ۾ سينيئر ڪابينا ميمبرن ۽ سروسز چيفس شرڪت ڪ??ي. ??رڪت ڪندڙن کي افغانستان ۾ تازي اڳڀرائي ۽ ان جي پاڪستان ۽ خطي تي ممڪن اثرن تي بريفنگ ڏني و??ي. ??طي جي مجموعي سيڪيورٽي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. قومي سلامتي ڪميٽي نوٽ ڪيو ته پاڪستان افغانستان ۾ ڏهاڪن تي ٻڌل جاري تڪرارن سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي تنهن ڪري هو خطي ۾ امن ۽ استحڪام جو خواهشمند آهي. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته عالمي برادري پاڪستان جي چار ڏهاڪن کان ڏني ويندڙ قربانين جو اعتراف ڪري. شرڪت ڪندڙن ان عز?? کي ورجايو ته پاڪستان افغانستان ۾ سمورن افغان گروپن جي نمائندگي رکندڙ ٺوس سياسي حل جي لاءِ پرعزم آهي جيڪو اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي. اجلاس ۾ ان ڳالهه کي به ورجايو ويو ته پاڪستان عالمي برادري ۽ سمورين افغان ڌرين سان گڏجي ٺوس سياسي حل ۾ سهولت جي لاءِ ڪم ڪندو رهندو. ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته افغانستان ۾ عدم مداخلت جي اصول تي سختي سان قائم رهڻ گهرجي. ڪميٽي ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته هيستائين تشدد جي ڪنهن وڏي واقعي کي ٿيڻ نه ڏنو ويو ۽ افغانستان ۾ سمورين ڌرين تي زور ڏنو ويو ته قانون جي عملداري جو احترام ڪيو وڃي، سمورن افغانين جي بنيادي انساني حقن جو ت??فظ ڪيو وڃي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته ڪا به دهشتگرد تنظيم يا گروهه افغان سرزمين کي ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ڪري سگهي. وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي ته افغانستان مان نڪرڻ جي خواهشمند سمورن پاڪستانين، سفارتڪارن، صحافين ۽ عالمي تنظيمن کي واپس آڻڻ جي لاءِ سمورين ممڪن سهولتن کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم ان ڏس ۾ ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۽ رياستي مشينري جي جاري ڪوششن کي ساراهيو. ڪميٽي پاڪستان جي موقف کي ورجايو ته افغانستان ۾ تڪرار جو ڪڏهن به ڪو فوجي حل نه هو، تڪرار کي ڳالهين ذريعي ختم ڪرڻ جو بهترين وقت اهو ٿي سگهيو پئي جڏهن آمريڪا ۽ نيٽو جي فوج ڀرپور عسڪري طاقت سان افغانستان ۾ موجود ه??ي. ??فغانستان ۾ پرڏيهي فوج جي وڌيڪ ڊگهي عرصي تائين موجودگي سان به ڪي مختلف نتيجا نه نڪرن ها تنهن ڪري بائيڊن انتظاميا پاران فوج جي واپسي جي حوالي سان گذريل آمريڪي انتظاميا جي فيصلي جي توثيق حقيقت ۾ ان تڪرار جو منطقي حل آهي. ڪميٽي چيو ته عالمي برادري جي لاءِ هي وقت آهي ته اها افغانستان ۾ پائيدار امن، سيڪيورٽي ۽ افغانستان ۽ خطي جي ترقي جي ٺوس سياسي حل کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان گڏجي ڪم ڪري.