اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته نيشنل ڊيجيٽل ڪيبل پاليسي 2021ع تحت ڪيبل آ??ريٽرز کي نوان چينلز هلائڻ جي لاءِ سبسڪرپشن جي سهولت ملندي. اها ڳالهه هن ڪيبل آ??ريٽرز ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. چوڌري فواد حسين چيو ته حڪومت نيشنل ڊيجيٽل ڪيبل پاليسي 2021ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن تحت ڪيبل آ??ريٽرز جي لاءِ سبسڪرپشن ماڊل شروع ڪيو ويندو، ان ماڊل سان ڪيبل آ??ريٽرز کي نوان چينلز هلائڻ جي لاءِ سبسڪرپشن جي سهولت ملندي. هن وقت اسان جي گهرن ۾ اينالاگ ڪيبل اچي رهي آهي جنهن جي ڪوالٽي نه هجڻ جي برابر آهي جڏهن ته ان ۾ چينلز جو انگ به گهٽ آهي. ڪيبل کي ڊيجيٽلائيز ڪرڻ کانپوءِ چينلز جي ريٽنگ ۾ پڻ شفافيت سان گڏوگڏ چينلز جي انگ ۾ پڻ اضافو ٿيندو. سبسڪرپشن ماڊل جي فراهمي سان ڪيبل آ??ريٽرز کي مقامي ۽ عالمي مواد خريد ڪرڻ ۽ هلائڻ جي اجازت هوندي. هن چيو ته ڪيبل آ??ريٽرز کي ڪامياب جوان پروگرام تحت قرض ڏنا ويندا جنهن سان انهن کي ڊيجيٽل باڪس خريد ڪرڻ ۾ سهولت ملندي ۽ اها رقم اهي صارفين کان وصول ڪري پنهنجي قرض جي رقم واپس ڪري سگهندا. ڪيبل آ??ريٽرز ايسوسيئيشن جي وفد اطلاعات واري وفاقي وزير کي پنهنجي مسئلن کان آگاهه ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ڪيبل آ??ريٽرز ايسوسيئيشن جا مسئلا غور سان ٻڌا ۽ انهن جي حل جي خاطري ڪرائي. ڪيبل آ??ريٽرز ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي وفد ۾ ايسوسيئيشن جو چيئرمين عرفان علي کوسو، صدر راجا اسد علي خان، جنرل سيڪريٽري غفران مجتبيٰ، سيڪريٽري اطلاعات ملڪ معظم سلطان، ڪيبل آ??ريٽرز ايسوسيئيشن سنڌ جو صدر محمد اسماعيل جتوئي، ڊويزنل صدر خيرپور ذوالفقار جوڻيجو، ڏکڻ پنجاب جو صدر الياس وڙائچ، حافظ آباد مان ملڪ محمد وزير اعواڻ، حسن ابدال مان راجا عامر، ڪيبل آ??ريٽرز ايسوسيئيشن خيبرپختونخواهه جو صدر فرقان آفريدي، ڪيبل آ??ريٽرز ايسوسيئيشن ڪراچي جو خزانچي سعيد شاهه، س??ر مان عبدالمقيم کوسو، س??ر مان نويد ابڙو ۽ اسلام آباد مان زاهد ڀٽي شامل هئا.