اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ??ڏيل قومن جي جنر?? اس??مب??ي ۽ ٻين عالمي فورمن تي فلسطين مسئلي ۽ اسرائيلي ظلمن کي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪيو آهي، فلسطين جي مسئلي جي پائيدار ۽ مستقل حل تائين وچ اوڀر ۾ امن قائم نه ٿو ٿي سگهي، انساني جانين جي تحفظ ۽ مسئلي جي حل لاءِ عالمي ضمير کي جاڳائڻ ۽ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي، جنر?? اس??مب??ي جو صدر 27 مئي تي پاڪستان جو دو??و ڪندو، انساني همدردي جي بنياد تي فلسطيني ڀائرن جي لاءِ امداد موڪلينداسين، پاڪستان افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، افغانستان ۾ امن، ترقي ۽ خوشحالي جا خواهشمند آهيون، وزيراعظم عمران خان جي هوندي ڪو آمريڪي اڏو پاڪستان جي سرزمين تي نه ٺهندو، اسان واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ڊرون حملا برداشت نه ڪيا وي??دا، اڄ پاڪستان محفوظ هٿن ۾ آهي. سينيٽ ۾ فلسطين جي صورتحال تي پاليسي بيان ??يندي پرڏيهي وزير چيو ته گڏيل قومن جي جنر?? اس??مب??ي جي هنگامي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي هن ملڪ جو موقف پيس ڪيو ۽ اسان هڪ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪئي.