اسلام آباد – 17 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان گلگت بل??ستان ??ي چونڊن ۾ ڌانڌلي جي الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته سياسي پارٽين ۾ شڪست تسليم ڪرڻ جو جذبو هجڻ گهرجي، پاڪستان ??حريڪ انصاف تي اعتماد جو اظهار ڪرڻ تي گلگت بل??ستان ??ي عوام جا ٿورائتا آهيون، وفاقي حڪومت ان ??لائقي جي عوام جو احساس محرومي ختم ڪرڻ لاءِ گلگت بل??ستان کي صوبي جو درجو ڏيڻ جو واعدو پورو ڪندي، چونڊ عمل کي منصفاڻو ۽ شفاف بڻائڻ لاءِ عام ??ونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ جو نظام متعارف ڪرايو ويندو، سينيٽ جي چونڊن ۾ ڳجهي بيلٽ پيپر بدران هٿ مٿي کڻي ووٽ وجهڻ لاءِ پارليامينٽ ۾ ترميمي بل پيش ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن چونڊ سڌارا ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو، وزيراعظم چيو ته سينٽ چونڊن جي حوالي سان ??ل پيش ڪرڻ جو مقصد سينيٽ جي ايندڙ چونڊن ۾ ووٽن جي خريد ۽ وڪري جي حوصلا شڪني ڪرڻ آهي، هن چيو ته آئيني ترميم لاءِ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت جي ضرورت هوندي، ان مان ??بر پوندي ته ڪهڙي سياسي پارٽي ان ??مل جي حمايت ڪندي ۽ بدعنواني جي روڪٿام جي مخالفت ڪندي، وزيراعظم چيو ته اهو موجوده حڪومت جو پهريون اهم قدم آهي، پاڪستان ??حريڪ انصاف 2018ع جي چونڊن ۾ پنهنجا ووٽ وڪرو ڪرڻ تي صوبائي اسيمبلي جي 12 مميبرن ??ي پارٽي مان ڪڍي ڇڏيو هو، اليڪٽرانڪ ووٽنگ بابت هن چيو ته نادرا پاران فراهم ڪيل انگن اکرن جي بنياد تي نظام جوڙڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن سان مشاورت جاري آهي، هن چيو ته شفافيت کي يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ ڪمپيوٽرائيزڊ نظام سان ٻاهرين ملڪ رهندڙ 90 لک پاڪستانين کي به آن لائين ووٽ وجهڻ ۾ آساني ٿيندي.