اسلام آباد ?عام_کیسینو/105450.html">?? 21 – جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي صدر جي خاص معاون ۽ نيشنل سيڪيورٽي ڪ??ئو??سل ۾ ڏکڻ ايشيا جي لاءِ سينيئر ڊائريڪٽر ريئر ايڊمرل ايلين لاوباچر هڪ اعليٰ سطحي وفد جي قيادت ڪندي پاڪستان جو ٻن ڏينهن دورو ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته وفد ۾ آمريڪي پرڏيهي کاتي، دفاع واري کاتي ۽ وائيٽ هائوس جا ميمبر شامل هئا. هن چيو ته آمريڪي وفد 19 جولاءِ تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي دلچسپي جي معاملن سميت علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان جا آمر??ڪا سان پراڻا ۽ وسيع البنياد لاڳاپا آهن جن کي ??ڌي?? مضبوط ۽ وسيع ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن ٻنهي طرفن جي عوامي نمائندن ۽ عهديدارن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن کي وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ايلين لاوباچر پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي مستحڪم ۽ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ آمر??ڪا جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ آمر??ڪا گڏيل مفاد حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهندا.