اسلام آباد– 24 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آبادگار پئڪيج تي عم??درآمد ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، حڪومت ٻوڏ متاثر علائقن ۾ آبادگ??رن کي ٽيوب ويل تي سبسڊي ڏئي رهي آهي، گوادر بندرگاهه کي فعال ڪرڻ جي لا??ِ سمورا قدم کنيا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن آبادگار پئڪيج تي عم??درآمد جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، طارق بشير چيما، انجنيئر خرم دستگير خان، مريم اورنگزيب، مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ عم??دار پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته آبادگار پئڪيج تي عم??درآمد ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته حڪومت ٻوڏ متاثر علائقن ۾ آبادگ??رن کي ٽيوب ويل تي سبسڊي ڏئي رهي آهي، حڪومت هن مشڪل وقت ۾ پنهنجي آبادگ??رن کي ايندڙ فصل جي لا??ِ هر قسم جي مدد فراهم ڪري رهي آهي. هن هدايت ڪئي ته ڪڻڪ ۽ ڀاڻ جي 50 سيڪڙو ڪارگو جي لا??ِ گوادر پورٽ کي استعمال ڪيو وڃي. هن چيو ته بلوچستان جي ترقي لا??ِ گوادر بندرگاهه جو مڪمل فعال هجڻ اهم آهي، گوادر بندرگاهه کي فعال ڪرڻ جي لا??ِ سمورا قدم کنيا ويندا. اجلاس کي آبادگار پئڪيج تي عم??درآمد تي تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي آبادگ??رن کي ٽيوب ويل تي ڏني ويندڙ سبسڊي، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ آبادگ??رن کي ايندڙ فصل جي لا??ِ ڏني ويندڙ سهولت ۽ مدد تي پڻ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.