اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري سينيئر صحافي حاجي نواز رضا ۽ طارق سمير جي والده جي لاڏاڻي تي گهري ڏ?? ۽ ??فسوس جو اظهار ڪيو آهي. اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر پنهنجي جدا جدا تعزيتي پيغامن ۾ حاجي نواز رضا ۽ طارق سمير سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي ۽ مرحومه جي لاڏاڻي کي ان جي گهرڀاتين جي ل??ءِ عظيم صدمو قرار ڏنو آهي. اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر الله تعاليٰ کان مرحومه جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن کي اهو نقصان برداشت ڪرڻ جي ل??ءِ صبر جميل عطا ف??مائڻ جي دعا پڻ ڪئي.