وزيراعظم القدس شريف بابت او آءِ سي جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو

image

اسلام آباد – 11 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خان عباسي القدس شريف بابت او آءِ سي جي غيرمعمولي سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪندو جيڪو 13 ڊسمبر تي ترڪيءَ جي شهر استنبول ۾ ٿي رهيو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب سربراهه اجلاس کان اڳ پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو اجلاس ٿيندو جنهن ۾ پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف شرڪت ڪندو.

مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کی پیش گوئی