چيني صدر ۽ سندس پيرو جي هم منصب ۾ ملاقات، گڏيل سهڪار کي هٿي وٺرائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ

image

ليما-15 نومبر (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ ليما ۾ ايوان صدر ۾ پيرو جي صدر دينا بولوارٽ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب شي جن پنگ جو پيرو جو ٽيون دورو آهي ۽ هڪ سال ۾ پيرو جي صدر سان سندس ٽئين ملاقات آهي. ملاقات دوران چيني صدر چيو ته ٻئي ملڪ هميشه هڪٻئي جو احترام ۽ هڪٻئي تي ڀروسو ڪندا آهن. 53 سال اڳ سفارتي لاڳاپن جي قيام کانپوءِ چين ۽ پيرو ٻطرفن لاڳاپن کي برقرار رکيو آهي. ٻئي ملڪ هڪٻئي جي تجربن مان سکندي اڳيان وڌي رهيا آهن، چين ۽ پيرو چين- لاطيني آمريڪا عملي سهڪار جي معيار ۽ ان جي اپ گريڊيشن کي هٿي وٺرائڻ چاهين ٿا. صدر شي جن چيو ته چيو ته پيرو سان پنهنجي روايتي دوستي کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي حوالي سان پڻ ڳالهيون ڪيون ويون.

مضمون کا ماخذ : لاٹری کی موبائل ایپ