اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڀارت چين پا??ستان اقتصادي لنگهه ۾ رڪاوٽون پيدا ڪري رهيو آهي، ڀارت جو تشدد ۽ رويو علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ خطرو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين جي سفير يائو جنگ سان ايوان صدر ۾ ملاقات دوران ڪيو، صدر چيو ته پا??ستان چين سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، چين مشڪل جي گهڙي ۾ سدائين پا??ستان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل رهيو. هن يقين ڏياريو ته پا??ستان هڪ چين جي پاليسي جي حمايت جاري رکندو، پا??ستان چين جي قومي مفاد جي اهم معاملن سميت هانگ ڪانگ، تبت ۽ تائيوان جي معاملي تي انهن سان گڏ بيٺل هوندو.