اسلام آباد – 15 جولاءِ (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) ملڪ ۾ سڄو سال ڪڻڪ ۽ اٽي جي مناسب قيمتن تي فراهمي کي ي??ين?? بڻائڻ جي ڏس ۾ ق??مي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت کي ڪڻڪ جي درآمد جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ ۽ وڏن درآمد ڪندڙن سان جلد اجلاس منعقد ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي، اي سي سي ايشيائي ترقياتي بئنڪ کي آفشور پاڪستاني رپيو لنڪڊ بانڊز عالمي سيڙپڪارن کي جا??ي ڪرڻ ۽ گئس فيلڊز جي ڀرپاسي 5 ڪلوميٽر جي علائقن کي گئس جي فراهمي جي ڏس ۾ سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي فيصلن تي عملدرآمد تحت ناڻي واري وزارت کي سوئي سدرن جي لاءِ هڪ ارب رپيا جا??ي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس وزيراعطم آفيس ۾ وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو. ملڪ ۾ سڄو سال ڪڻڪ ۽ اٽي جي مناسب قيمتن تي فراهمي کي ي??ين?? بڻائڻ جي ڏس ۾ رابطا ڪميٽي ق??مي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت کي ڪڻڪ جي درآمد جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اي سي سي وزارت کي ڪڻڪ جي وڏن درآمد ڪندڙن سان جلد اجلاس منعقد ڪرائڻ ۽ درآمدي ڪڻڪ جي امڪاني ق??مت ۽ مقامي مارڪيٽ ۾ قيمت مستحڪم ??کڻ جي لاءِ زرتلافي جي ضرورت بابت تجويزون اي سي سي کي جمع ڪرائڻ جي هدايت پڻ ڪئي.