اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گرين پاڪست??ن پروگرام تحت ملڪ ۾ ”پروٽيڪٽڊ ايريا انيشيٽو“ شروع ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، هن اها منظوري وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي بابت صلاحڪار م??ڪ امين اسلم سان ملاقات جي موقعي تي ڏني. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب اها ملاقات ??ذريل مهيني وزيراعظم طرفان منظور ڪيل ??ن پيڪيج جي تسلسل ۾ هئي جنهن ۾ ڪووڊ 19 سبب بيروزگاري کي منهن ڏيندڙ 65 هزار نوجوانن، ڏهاڙيدارن جي سڄي ملڪ ۾ وڻڪاري ۾ خدمتون حاصل ڪرڻ شامل آهي.