اسلام آباد – 15 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مر??ا چيو آهي ته پا??ستان ۾ 6 کان 8 هفتن ۾ ڪورونا کان بچاءُ جي دوا ٺهڻ شروع ٿي ويندي، ان قدم سان پا??ستان ۾ ڪورونا جي مريضن ۽ هيلٿ ورڪرز کي ڪوويڊ 19 جي وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جديد بنيادن تي سهولت ملي ويندي، آمريڪن ڪمپني پا??ستاني ڪمپني بي ايف بائيو سائنسز کي ڪورونا وائرس جي دوا ٺاهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، دنيا ۾ ٻن ملڪن کي دوا ٺاهڻ جي اجازت آهي، پا??ستان ان ۾ سرفهرست آهي، GILEAD ڏکڻ ايشيا جي 5 مينوفيڪچررز سان معاهدو ڪيو آهي، اهو قدم پا??ستان جي صحت جي شع??ي، معاشي ۽ سفارتڪاري جي ميدان ۾ اهم اڳڀرائي آهي. وزيراعظم جي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مر??ا، واپار واري خاص معاون عبدالرزاق دائود، ??ار??اسيوٽيڪل ڪمپني جي سربراهه عثمان خالد نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ۾ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيا هئا.