اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) ڪابي??ا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) گهٽ آمدني وارن طبقن جي لاءِ 200 ارب رپين جي رليف پئڪيج ۾ لاڪ ڊائون جي صورتحال کان سخت متاثر ٿيندڙ مزدورن ۽ ڏهاڙي ??ي ڪم ڪندڙ ماڻهن جي لاءِ 75 ارب رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ان قدم سان وڌيڪ 60 لک خاندانن کي امداد فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي، اجلاس ۾ بلوچستان حڪومت جي 19 منصوبن جي لاءِ 606 ملين ۽ فرنٽيئر ڪور بلوچستان (نارٿ) جي لاءِ 7 ملين رپين سميت ڪيترين ئي ضمني گرانٽس جي منظوري ڏئي وئي. ڪابي??ا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻ?? ۽ ??وڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو.