اسلام آباد -25 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪرم جي علائقي ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي دهشتگرد حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي، ته پوليس جي آفيسرن ۽ جوانن جون دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ل??زو??ل قربانيون آهن، کين خ??اج تحسين پيش ڪيون ٿا. گذريل ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم ان دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪار کي خ??اج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم شهيد جي درجن جي بلندي ۽ ڪٽنب لاءِ ص??ر جي دعا ڪئي. وزيراعظم حملي ۾ زخمي ٿيل اهلڪار کي بهترين طبي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم حملي جي ذميوارن جي نشاندهي ڪري سخت سزا ڏيارڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پوليس جي آفيسرن ۽ جوانن جون دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ل??زو??ل قربانيون آهن. هن چيو ته پوليس جي آفيسرن ۽ جوانن جي فرض شناسيءَ تي مون سميت پوري قوم کين خ??اج تحسين پيش ڪري ٿي.