اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري جعلي خبرن ۽ غلط معلومات جي ڦهلاءُ جي حوصلا شڪني جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته حقيقتن جي ڇنڊڇاڻ ۽ معلومات جي تصديق جي ڪلچر کي فروغ ڏيڻو پوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پيمرا چيئرمين محمد سليم سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. هن چيو ته مي??يا معاشري ۾ رواداري، اتحاد ۽ اخلاقي قدرن جي فروغ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ صحافت جي اعليٰ ترين معيار کي برقرار رکي. صدر چيو ته جديد مواصلاتي ٽيڪنالاجي جي ڪري نوان چئلينجز درپيش آهن، مي??يا عوامي راءِ جي جوڙجڪ ۾ ذ??يو??راڻو ۽ تعمي??ي ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته غلط معلومات ۽ پروپئگنڊه جي حوالي سان ضابطه اخلاق تي عمل ٿيڻ گهرجي. صدر جديد ٽيڪنالاجي ۽ باصلاحيت انساني وسيلن سان پيمرا جي صلاحيت بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته مي??يا ملڪ جو بهتر تشخص ۽ سماجي ۽ اقتصادي مسئلن بابت شعور اجاگر ڪري. پيمرا چيئرمين صدر کي مي??يا منظرنامي جي ريگيوليشن ۽ ترقي ۾ پيمرا جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي بابت آگاهه ڪيو. ان موقعي تي پيمرا چيئرمين صدر کي پيمرا رپورٽ 23 – 2021ع پڻ پيش ڪئي. صدر ملاقات ۾ پيمرا کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪيو.