سرينگر -05 آگسٽ (اي پي پي) سڄي دنيا ۾ ترسيل ڪشميري اڄ ”يوم استحصال ڪشمير“ ملهائي رهيا آهن. مودي حڪومت والاريل ??مو?? ڪشمير ۾ پنهنجي هندو پرست ايجنڊا کي اڳيان وڌائڻ لاءِ ظالماڻيون حرڪتون ڪري رهي آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق حريت اڳواڻن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارتي قدمن جو واحد مقصد ??مو?? ڪشمير کي مسلم اڪثريت مان غير مسلم اقليتي علائقي ۾ تبديل ڪرڻ هو. هن افسوس جو اظهار ڪيو ته مودي حڪومت والاريل ??مو?? ڪشمير ۾ پنهنجي هندو پرست ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ظالماڻيون حرڪتون ڪري رهي آهي. حريت اڳواڻن چيو ته ڀارتي ڏاڍ ۽ ظالماڻين حرڪتن باوجود ڪشميرين جا حوصلا بلند آهن ۽ هو پنهنجي آزادي واري تحريڪ کي منطقي انجام تائين پهچائڻ لاءِ پرعزم آهن. ڀارتي حڪومت 5 آگسٽ 2019ع تي گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ عالمي قانونن جون سنگين ڀڃڪڙيون ڪندي والاريل ??مو?? ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪري ڇڏي هئي ۽ جاڻايل علائقي تي فوجي ۽ پوليس گهيراءُ لاڳو ڪري ڇڏيو هو. ان ڏينهن کي والاريل ??مو?? ڪشمير ۾ ڪاري ڏينهن طور ملهايو ويندو. اڄ آزاد ??مو?? ڪشمير، پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري والاريل ??مو?? ڪشمير جي سنگين صورتحال ڏانهن عالمي برادري جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ دنيا جي گادي وارن شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا، ريليون، سيمينار ۽ ٻ??ا پروگرام منعقد ڪري رهيا آهن. يوم استحصال ڪشمير ملهائڻ جو سڏ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ڏنو آهي. ٻئي پاسي ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن پنهنجن پنهنجن بيانن ۾ چيو ته 5 آگسٽ ??مو?? ڪشمير جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي، جڏهن ته ڀارت ??مو?? ڪشمير تي حملو ڪري ڪشميرين جي منفرد سڃاڻپ کسي ورتي آهي. هنن چيو ته 27 آڪٽوبر 1947ع کان پوءِ اهو ٻيو موقعو هو جڏهن ته ڀارت پنهنجي سا??را??ي ۽ مسلم دشمن ذهنيت جو ڀرپور مظاهرو ڪيو.