اسلام آباد – 25 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلامي جمهوريه ا??ران جي اسلامي مشاورتي اسيمبلي جي اسپيڪر محمد باقر غاليباف جي دعوت تي 30 جول??ءِ تي تهران جو دورو ڪندو جتي هو نئين چونڊيل صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان جي حلف برداري واري تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته هي دورو ٻنهي ملڪن جي قيادت جي سطح تي رابطن ۽ ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جي تصديق ڪري ٿو.