اسلام آباد – 11 – جولائي (اي پ?? پي) آذ??بائيجان جو صدر الهام عليوف پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهچي ويو. نور خان ايئربيس تي ??زيراعظم شهباز شريف سندس شاندار استقبال ڪيو. ٻئي اڳواڻ ڀاڪر پا??ي مليا ۽ گرمجوشي سان هٿ ملايو. روايتي ??باس پا??ل ٻن ٻارن آذ??بائيجان جي صدر کي گل پيش ڪيا. ان موقعي تي ??فاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ موجود هئا. صدر الهام عليوف کي تپن جي سلامي پڻ ڏني وئي. آذ??بائيجان جو صدر وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خصوصي دعوت تي ??اڪستان جو دورو ڪ??ي رهيو آهي. هو دوري دوران صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقاتون ڪندو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي ??ڻ صحيحون ڪيون وينديون.