ڪوئيٽا – 08 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان ج?? صوبائي حڪومت تي زور ڏنو آهي ته مشاورت سان مسئلن جي نشاندهي ڪري ۽ انهن جي حل جي لاءِ ٺوس منصوبابندي ڪئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي م??ڊي?? ونگ پاران جاري بيان موجب گورنر هائوس ڪوئيٽا ۾ مسلم ليگ (ن) جي پارليامينٽ ميمبرن جي وفد سان ملاقات دوران ??الهائيندي وزيراعظم چيو ته بلوچستان مان ??ونڊيل نمائندا صوبي جي ترقي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته بلوچستان ۾ صوبائي اتحادي حڪومت مشاورت سان مسئلن جي نشاندهي ڪري ۽ انهن جي حل لاءِ ٺوس منصوبابندي ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته مسلم ليگ (ن) عوامي خدمت تي يقين رکي ٿي، پارٽي جا چونڊيل نمائندا عوامي ڀلائي تي ڌيان ??ين ۽ بلوچستان جي گورنر ۽ وڏي وزير سان مشاورت سان تڪن ۾ ترقياتي منصوبن جي تڪميل ۽ درپيش مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻن. ملاقات ۾ بلوچستان سان تعلق رکندڙ مسلم ليگ (ن) جي پارليامينٽ ميمبرن سان ??ڏوگڏ وفاقي وزير ڄام ڪم??ل خان، اعظم نذير تارڙ، بلوچستان جو گورنر جعفر خان مندوخيل ۽ پارٽي عهديدار پڻ موجود هئا.