اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت وا??ي وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته مخ??لف ڌر ۾ شعور ۽ آگاهي جي کوٽ آهي، بجيٽ جي حوالي سان مخ??لف ڌر اسان جي اصلاح ڪري ها ته اسان ڀليڪار ڪريون ٿا. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته مخ??لف ڌر کي آلٽرنيٽ ڊسپيوٽ ريزولوشن تحت ا??ند?? نظام ۽ ليگل ريفارمز ڪميٽي پاران ايڪسيس ٽو جسٽس پروگرام جي لاءِ شروع ڪيل مختلف پراجيڪٽس تي اعتراض آهي. هن چيو ته مخ??لف ڌر پاران پيش ڪيل ڪٽوتي جي رٿن جو قانون وا??ي کاتي سان ڪهڙو تعلق آهي؟ جيڪڏهن هي تي??ري ڪري اچن ها ۽ قانون وا??ي ڊويزن جي بجيٽ پڙهي وٺن ها ته انهن کي خبر هجي ها ته آلٽرنيٽو ڊسپيوٽ ريزولوشن، ادارجاتي سڌارن ۽ ايڪسيس ٽو جسٽس پروگرام جي لاءِ ڪيتري رقم رکي وئي آهي. هن چيو ته 18 هين ترميم کانپوءِ صوبن تحت معاملن کي مخ??لف ڌر هتي اٿاريو، مخ??لف ڌر سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ضرور ڪري پر اسان جي اصلاح ڪري ها ته اسان ڀليڪار ڪريون ها. هن چيو ته مخ??لف ڌر قابل عمل تجويزون پيش ڪري، انهن جي تجويزن تي غور ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون. وفاقي وزير چيو ته مخ??لف ڌر ۾ آگاهي ۽ شعور جي کوٽ آهي، ڊيمانڊ نمبر 66 تي ڪٽوتي جي رٿن جي مخالفت ڪريون ٿا.