ابوظهبي – 23 – مئي (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد ش??باز شريف پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي تعاون ک?? اجاگر ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ڪاٿي ۽ دائره ڪار کي وڌائڻ ۽ ان ک?? وسيع ڪرڻ جا امڪان ڳولڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ۽ گڏيل عرب امارات جي ڪاروباري اڳواڻن ک?? دعوت ??ني آهي ته اهي پاڪستان ۾ خاص طور تي توانائي، انفراسٽرڪچر، سياحت ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ سيرپڪاري جي بي پناهه موقعن مان فائدو کڻن. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم محمد ش??باز شريف سان ابوظهبي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي وفد ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت چيمبر آف ڪامرس جي چيئرمين عبدالله محمد المزروعي ڪئي. وفد سان ڳالهه ٻولهه دوران وزيرا??ظم گڏيل عرب امارات جي اقتصادي ترقي ۾ چيمبر جي ڪردار کي ساراهيو. پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي تعاون جو ذڪر ڪندي وزيرا??ظم واپار جي ڪاٿي ۽ دائره ڪار کي وڌائڻ ۽ ان ک?? وسيع ڪرڻ جا امڪان ڳولڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن گڏيل عرب امارات جي ڪاروباري اڳواڻن ک?? دعوت ??ني ته اهي پاڪستان ۾ خاص طور تي توانائي، انفراسٽرڪچر، سياحت ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ سيرپڪاري جي بي پناهه موقعن مان فائدو کڻن. ابوظهبي چيمبر آف ڪامرس جي ميمبرن پاڪستان ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي.