رياض – 30 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي ا??تصادي فورم جي خصوصي اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ وطن واپس روانو ٿي ويو. وزيراعظم آف??س جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب رياض جي رائل ايئرپورٽ ٽرمينل تي سعودي عرب جي اعليٰ عملدارن، پاڪستان ۾ مقرر سعودي سفي??، سعودي عرب ۾ پاڪستان جي سفير ۽ ٻئي سفارتي عملي وزيراعظم محمد شهباز شريف کي رخصت ڪيو. عالمي ا??تصادي فورم جي موقعي تي وزيراعظم سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان آل سعود، ڪويت جي ا??ير شيخ مشعل الاحمد الجابر الصباح، ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم، سعودي وزيرن سان ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم جو اهو دورو پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ معاشي لاڳاپن جي حوالي سان پڻ انتهائي ا??ميت رکندڙ هو.